اوٻاوڙو رپورٽ محمد بچل گهنڃو ،ميرپورماٿيلو ويجهو مسو واھ بس اسٽاپ وٽ پنجاب کان سکر ويندڙ ٽرڪ بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڀاڻ فيڪٽري آڏو ٺهيل مسافر خاني ۾ لڳي وئي، ٽرڪ ڊرائيور قصور جو رهواسي بشير احمد شديد زخمي ٿي پيو، زخمي اسپتال داخل، تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ويجهو مسو واھ بس اسٽاپ وٽ پنجاب کان سکر ويندڙ ٽرڪ بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڀاڻ فيڪٽري آڏو ٺهيل مسافر خاني ۾ لڳي وئي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور قصور جو رهواسي بشير احمد شديد زخمي ٿي پيو اتي بيٺل ماڻهن ڊرائيور کي گاڏي مان ٻاھر ڪڍي پوليس کي اطلاع ڪيو ميرپورماٿيلو پوليس زخمي کي کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو جتي ھن جو علاج هلندڙ هو..
