64

مشهور هدايتڪار سلمان خان کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڇا اوهان سوچيو هوندو ته بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪار سلمان خان کي ڪو هدايتڪار پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو؟ پر ماضيءَ سلمان خان سان ۾ ائين ٿي چڪو آهي، جڏهن هدايتڪار سورج برجاتيا پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، هڪ انٽرويو دوران سلمان خان انڪشاف ڪيو ته هدايتڪار سورج برجاتيا 2022ع ۾ رليز ٿيل فلم اونچائي ۾ ڪجهه نئون ڪرڻ چاهي پيو انڪري هن فلم لاءِ نئين ڪاسٽ جي چونڊ ڪئي. هدايتڪار سورج برجاتيا جو ان حوالي سان چوڻ هو ته جڏهن سلمان خان کي فلم اونچائي جي خبر پئي ته هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪوي پر مون انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس چيو ته فلم ۾ نون فنڪارن سان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو. ياد رهي ته سورج برجاتيا مين ني پيار ڪيا، هم ساٿ ساٿ هين، هم آپ ڪي هين ڪون ۽ پريم رتن ڌن پايو جهڙين ڪامياب فلمن ۾ سلمان خان کي ڪاسٽ ڪري چڪو آهي پر هن اونچائي سلمان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو