پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شاهد صديقي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

تفصيل موجب صوبائي راڄڌاني لاهور ۾ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شاهد صديقي جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪاهنا ٿاڻي ۾ مقتول جي پٽ تيمور صديق جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ 4 نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته نامعلوم جوابدارن فائرنگ ڪئي. ايف آءِ آر ۾ 6 مهينا اڳ مقتول شاهد صادق تي حملي جو به ذڪر آهي. گذريل ڏينهن لاهور جي علائقي والنسيا ٽائون ۾ هڪ معروف خانگي اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر شاهد کي جمعي جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مسجد ٻاهران نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. والنسيا ٽائون ۾ خضرا مسجد ٻاهران فائرنگ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مارجي ويو، مقتول جمعي جي نماز کانپوءِ پٽ سان گڏ گهر وڃي رهيو هو. ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن انوش مسعود واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون. پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته فائرنگ جي وقت سندس پٽ به ساڻس گڏ هو، جيڪو ان واقعي ۾ محفوظ رهيو، پر جوابدار جي گرفتاري لاءِ جاچ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.