تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ شھر ۾ گذريل ڏينهن پيل برسات سبب بند ٿيل بجلي سپلاءِ 30 ڪلاڪن بعد بحال ٿي وئي پر اکٻوٽ جو سلسلو ھلندو رھيو ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان ھلڪي ھلڪي برسات جو وسڪارو ھلندو رھيو ضلعي انتظاميا ۽ ميونسيپل انتظاميا برساتي ايمرجنسي جي باوجود شھر جي مختلف روڊ رستن، بازارن ۽ پاڙن جنهن ۾ ساقي موڙ، اناج منڊي کان گوليمار روڊ، ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ روڊ، ايس ايس پي آفيس روڊ، گلشير محلو، غريب آباد، سينيما محلو، مسڻ روڊ، ھيبت روڊ سميت ٻين ھنڌن تي برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل آهي جنهن کي اڃان تائين نيڪال نه ڪيو ويو آهي برساتن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جا گهر ٽمي پيا ساريلو فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي مالي مدد جي اپيل ڪئي جنهن ڪري عوام کي سخت پريشاني مان گذرڻو پوي ٿو غريب مسڪين مزدور طبقي جو روزگار سخت متاثر پڻ ٿي ويو،