اسلام آباد، حيدرآباد سکر موٽر وي عمران خان جي حڪومت ۾ منظور ٿي چڪو هو، اسد عمر

اسلام آباد، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته 8 مهينا وڃائڻ کان پوءِ امپورٽڊ حڪومت حيدرآباد سکر موٽر وي تي ڪم شروع ڪري رهي آهي. اهو منصوبو عمران خان جي حڪومت ۾ منظور ٿي چڪو هو حيدرآباد سکر موٽر وي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سنڌ جي عوام کي حيدرآباد سکر موٽر وي مبارڪ هجي اهو منصوبو عمران خان جي حڪومت ۾ حتمي طور تي منظور ٿي چڪو هو
اسد عمر چيو ته ايڪنڪ 2021 جڏهن ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ بورڊ 31 مارچ 2022 تي ان جي منظوري ڏني هئي جڏهن ته ان کان اڳ ٺيڪيدار جي چونڊ به ٿي چڪي هئي. هاڻ 8 مهينا برباد ڪرڻ کان پوءِ امپورٽڊ حڪومت ڪم شروع ڪري رهي آهي

پنھنجي راءِ لکو