پريالوءِ برساتن بعد پريالوء جي بندن جي حالت خراب ، ضلعي وائيس چيئرمين دوري تي پهچي ويو ، بندن جي حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڊي سي خيرپور ۽ ايريگيشن عملدران کي بندن جي تي ڪم شروع ڪرائڻ جون هدايتون تفصيل موجب ملڪ ۾ پوندڙ مسلسل برساتن بعد پريالوء جي ڳاڙهي موري بچابند ، الرا جاگير بچابند ناريجا بچاء بند فريڊ آباد بچاء بندن ۾ پيل رين گهارن سبب بندن جي حالت خراب ٿيڻ جي اطلاعن تي ضلعي خيرپور جو وائيس چيئرمين سيد فهد علي شاهه جيلاني بندن جي دوري تي پهچي بندن جو معائنو ڪيو جتي ضلعي وائيس چيئرمين بچاء بندن ۾ پيل 5 کان 10 فٽن جي رين گهارن سبب بند جي حالت لاء موقعي تي ئي ڊي سي خيرپور ۽ ايريگيشن عملدارن سان رابطو ڪري بندن جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عملدارن کي بندن جي بحالي ۽ بندن ۾ پيل رين گهارا بند ڪرڻ لاء بندن جي مرمت جو ڪم جلد شروع ڪرڻ لاء سخت هدايتون ڪيون