مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اليڪشن ڪميشن نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اڄ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ريويو پٽيشن داخل ڪندو. ياد رهي ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي به مخصوص سيٽن جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪري رکي آهي. وفاقي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظر ثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي نظرثاني درخواست کي سيپٽمبر جي موڪلن کان پوءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيف جسٽس اڪثريتي فيصلي کان اختلاف ڪيو هو ۽ راءِ ڏني هئي ته گرمين جون موڪلون ملتوي ڪري نظرثاني درخواست ٻڌڻ گهرجي. ججز کي آرام کي نه پر آئين کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن فوري طور تي نظرثاني درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويو ته اها ناانصافي ٿيندي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 12 جولاءِ تي پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت سڳوري تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ بطور پارٽي قرار ڏئي ڇڏيو هو. پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ملڻ جي ڪيس ۾ جسٽس امين ۽ جسٽس نعيم اختلافي فيصلو به جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پي ٽي آءِ کي رليف ڏيڻ جي لاءِ آئين جي ڪجهه آرٽيڪلز کي معطل ڪرڻو پوندو.