وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني معاملن کي الجهائي رهيو آهي کيس چڱي طرح خبر آهي ته وڊيوز ۾ انهي جا پنهنجا ماڻهو موجود آهن. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته اهو سڀ ڪجهه هنن پاڻ ڪرايو آهي جڏهن ٽرائل ٿيندو تڏهن خبر پوندي ته ثبوت ڪيترا اهم آهن، هن چيو ته اسان به هتي ئي آهيون ۽ پي ٽي آءِ باني به هتي آهي، فتني فساد جو پوري طاقت سان مقابلو ڪنداسين، هي ماڻهو رياست جي خلاف بيٺو آهي، ملڪ ۾ فتنو ۽ فساد پکيڙڻ چاهي ٿو. راڻا ثناءُالله چيو ته 2011 کان هينئر تائين هن جي سياست ملڪ جي رياست خلاف رهي آهي، اسان ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ادارا رياست سان گڏ بيٺل آهن. ياد رهي ته عمران خان اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهين ۾ چيو هو ته پهريان 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز سامهون آنديون وڃن، هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا ماڻهو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڏٺا ويا ته معافي گهرندس ۽ انهن کي پارٽي مان ڪڍي سزا به ڏياريندس.