صدر آصف علي زرداري اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024 تي صحيح ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ اليڪشن ترميمي بل هاڻ باقاعده اليڪشن ايڪٽ بڻجي ويو. رپورٽ موجب آصف علي زرداري گذريل رات اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024 تي صحيح ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ گزٽ نوٽيفڪيشن جي لاءِ بل سينيٽ سيڪريٽريٽ ڏانهن اماڻيو ويو، اليڪشن ڪميشن ايڪٽ جو گزٽ نوٽيفڪيشن اڄ ئي جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته 6 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي گوڙ ۽ هنگامه آرائي دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو هو. بل مسلم ليگ(ن) جي بلال اظهر ڪياني ۽ زيب جعفر گڏيل طور تي پيش ڪيو. حڪومت ميمبرن طرفان اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميم جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو. ساڳئي ڏينهن قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ به اپوزيشن جي گوڙ ۽ هنگامي دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو هو.