اڳوڻي اداڪاره نور بخاري ٽن مردن سان چار شاديون ڪرڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏيو

 اسلام خاطر شوبز انڊسٽري کي الوداع ڪندڙ اڳوڻي اداڪاره نور بخاري پنهنجي شادين ۽ ٻارن بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن. تازو ئي نور بخاري هڪ نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي شوبز ڪيريئر سميت پنهنجي نجي زندگي جي باري ۾ کلي ڳالهيون ڪيون. نور بخاري چيو ته ڏک جهري ڳالهه آهي ته  اسان هڪ اهڙي معاشري جو حصو آهيون جتي غير ازدواجي لاڳاپا قبول آهن پر هڪ کان وڌيڪ شاديون قبول نه آهن. اڳوڻي اداڪاره پنهنجي شادي جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته مون کي پنهنجي پهرين شادي جي تاريخ ياد نه آهي ۽ نه ئي مان ياد ڪرڻ چاهيان ٿي ڇو ته اهو منهنجو ماضي هو، هاڻ مان پنهنجي حال مان تمام گهڻو خوش آهيان، هن چيو ته مون هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون، منهنجون سموريون شاديون محبت جون هيون بدقسمتي سان منهنجون شاديون ناڪام ٿيون پر مان پنهنجي موجوده شادي مان خوش ۽ مطمئن آهيان نور بخاري چيو ته ماڻهو افواهون اڏائي رهيا آهن  ته مون پنج شاديون ڪيون آهن، جيڪڏهن اهي چون ته نور 10 شاديون ڪن آهن ته مون کي ڪوبه فرق نه پوندو. اڳوڻي اداڪاره پنهنجي شادي جي انگ بابت وضاحت ڏيندي چيو ته مان ٽن مردن سان چار  ڀيرا شاديون ڪيون آهن يعني مون پنهنجي موجوده مڙس عون چوڌري سان 2 ڀيرا شادي ڪئي آهي، هن چيو ته منهنجي ٽن ٻارن جو والد عون چوڌري ئي آهي، اڳوڻن مڙسن مان منهنجي ڪابه اولاد نه آهي. نور بخاري وڌيڪ چيو ته منهنجي وڏي ڌيءَ فاطمه جي عمر 11 سال، ٻئي ڌيءَ شهربانو جي عمر 4 سال جڏهن ته پٽ محمد علي رضا جي عمر هڪ سال آهي. ياد رهي ته نور بخاري کي سندس شادين ۽ مڙس عون چوڌري جي ڪري اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.