شيخ رشيد جي 13 آگسٽ جي رات لال حويلي مان جلسو ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد طرفان 13 آگسٽ جي رات لال حويل مان جلسو ڪرڻ جي لاءِ اجازت جي درخواست راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر رد ڪري ڇڏي آهي ضلعي انتظاميه جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال ۽ سيڪيورٽي ٿريٽ سبب عوامي اجتماع جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. درخواست رد ٿيڻ کان پوءِ شيخ رشيد وڊيو بيان ۾ چيو ته اسان کي 13 آگسٽ تي جلسي کان روڪيو ويو آهي جنهن جو مون کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. هن چيو ته اسان جهيڙو نٿا چاهيون، غريب ڪارڪنن جي پريشاني نٿو ڏسڻ چاهيان پاڪستان جو پهريون ۽ واحد سياستدان آهيان جنهن ٻارن جي جيل ڪاٽي، هريپور جيل ۾ ٽئين ۽ چوٿين ڪلاس جي ٻارن کي پڙهائيندو هئس.