خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان حڪومت کان اين آر او گهري رهيو آهي پر حڪومت کيس اين آر او نه ڏيندي. ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوابي ۾ پ پ اڳواڻ بلال شير پائو جي رهائشگاهه تي ان جي چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ پهتو جتي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ باني حڪومت کان اين آر او گهري رهيو آهي پر حڪومت کيس اين آر او نه ڏيندي، عدالتن کي ئي سندس فيصلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي سوڀ آهي جو اسد قيصر هر ٻئي ڏينهن ان جي در تي حاضر ٿيندو آهي، ۽ مولانا فضل الرحمان به پريشان آهي انهي کي به يهودين کي مسلمان ڪرڻو آهي. عدم اتحاد تحريڪ جي حوالي سان ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته پيپلز پارٽي عدم اعتماد ۾ پي ٽي آءِ جو ساٿ نه ڏيندي، اسان جو ۽ مسلم ليگ(ن) جو اتحاد مضبوط آهي.