36

ارشد نديم جي ملڪ واپسي، تاريخي استقبال جون تياريون مڪمل

 پيرس اولمپڪس ۾ تاريخ لکندڙ قومي ايٿليٽ ارشد نديم اڄ پيرس کان پاڪستان پهچي رهيو آهي جتي سندس پرجوش استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پيرس ۾ پاڪستاني ڪميونٽي طرفان قومي هيرو جو شاندار استقبال ڪيو ويو، ايئرپورٽ تي پاڪستان جي سفير عاصم افتخار کيس الوداع ڪيو. گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم اڄ رات جو هڪ وڳي استنبول جي رستي لاهور پهچندو، چيئرمين سائوٿ ايشين ايٿليٽڪس محمد اڪرم ساهي ارشد کي وٺي ملڪ واپس پهچندو. محمد اڪرم ساهي جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ارشد نديم قوم کي وڏي خوشي ڏني آهي، ان جو تاريخي پرجوش استقبال ڪيو ويندو. ڪوچ سلمان بٽ به ان سان گڏ ملڪ واپس پهچندو. ايٿليٽڪس فيڊريشن آف پاڪستان طرفان ارشد نديم جي استقبال جون تياريون ڪيون پيون وڃن. پنجاب اسپورٽس بورڊ به ارشد نديم جي استقبال جي تيارين ۾ مصروف آهي. حڪومتي شخصيتون به ارشد نديم جي استبال لا پهچنديون. پاڪستان جي عوام به پنهنجي قومي ايٿيلت جو پرجوش استقبال ڪندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو