اوٻاوڙو رپورٽ محمد بچل گهنڃو ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو جي حڪم تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو گهر تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي پوليس موجب ته ڇاپي واري هنڌ ويب چيئنل جا لوگا ۽ پريس ڪارڊ به هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته منشيات فروش موقعي تان فرار ٿي ويو آهي پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته چوڪ ماڙي ۾ منشیات جو ڪاروبار هلڻ جو اطلاع مليو ته ڪارروائي ڪئي جتي شراب جا بٺا ۽ وڏي مقدار ۾ ٻيو منشيات هٿ آيو آهي جڏهن ته گهر مالڪ جو نالو غلام علي رند ٻڌايو پيو وڃي جيڪو مختلف ويب چيئنلن رپورٽر ٿئي منشيات جو ڪاروبار ڪري رهيو هو
