خيرپور (ڊر) هندو برادري جي آخري آرامگاهه مساڻن جي رستي ۾ گندو پاڻي بيهڻ خلاف هندوبرادري فوتي عورت جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ، سياسي هائوسن سان لا تعلقي جو اعلان ، بنيادي سهولتن نه ملڻ خلاف ايندڙ چونڊن ۾ مينارٽي خيرپور جا ووٽر ووٽ جو بائيڪاٽ ڪندا ، مکي هري مل ، تفصيل موجب ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي وارڊ 09 محلا ڏٻر ۾ هندو برادري جي آخري آرامگاهه مساڻن جو رستو 75 سالن ۾ تعمير نه ٿيڻ خلاف ديوان آتم داس جي فوتي امڙ جو لاش رکي هندو برادري احتجاجي مظاهرو ڪيو ، مظاهري جي اڳواڻي مکي هري مل ، دليپ ڪمار ، آتم داس ، ايڊوڪيٽ ساگر ڪمار ، گوبند رام سري چند ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ، مظاهرين چيو ته پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان اڄ تائين اسان پاڪستان جي حڪومت سان سهڪاري آھيون تڪ جي چونڊيل نمائندن کي ووٽ ڏيون ٿا ۽ چونڊيل نمائندن پاران هميشه اهو راڳ آلاپيو ويندو آھي ته اسان مينارٽي کي سڀ حق ڏنا آھن پر حقيقت اها آھي ته 75 سالن ۾ آواز اٿارڻ باوجود اسان کي مسڻن جو رستو تعمير نٿو ڪري ڏنو وڃي اسان نالين جي گندي پاڻي مان هندن جا لاش کڻي مساڻن تي اچون ٿا سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھيون پر انتظاميان جي ڪن تي جوون به نٿي چري ، هنن چيو ته اسان خيرپور جي سياسي هائوسن سان لاتعلقي جو اعلان ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جا مسئلا حل نه ٿيا ته ايندڙ چونڊن ۾ مينارٽي جا ووٽر احتجاجن طور ووٽ ڏيڻ جو بائيڪاٽ ڪندا
خيرپور (ڊر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان جيم خانہ ڪلب خيرپور ۾ واپارين ۽ ڪاروباري ماڻھڻ کي لون ڏيڻ جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ نيشنل بينڪ سميت 20 کان وڌيڪ خانگي بينڪن جي آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي بينڪن طرفان لون ڏيڻ واري عمل بابت آگاهي ڏني. تقريب ۾ اسٽيٽ بينڪ سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس سيد توفيق شاھ، ڊپٽي چيف مينيجر عمران صدف، انجمن تاجران خيرپور جي صدر لالا عبدالغفار شيخ ، واپاري اڳواڻ عاشق عباسي ، چيمبر آف ڪامرس جي صدر چودري بشير احمد آرائين ، صحافي شاهد نواز سيال ۽ ٻين خطاب ڪيو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان ننڍن ۽ وچولي طبقي جي واپاررين کي 5 کان 6 سيڪڙو منافعي تي مختلف بئنڪون قرض ڏئي رھيون آھن. ننڍي ۽ وچولي طبقي جي واپارين کي 50 لک رپين کان مٿي قرض ڏئي رهيا آهيون تہ جيئن ھو پنھنجي ڪاروبار کي وڌائي سگھن. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ واپارين ۽ ڪاروبارين کي آگاهي ڏيڻ لاءِ تقريبون منعقد ڪري رهيا آهيون اهڙي قدم جي خيرپور جي واپارين آجيان ڪئي خيرپور(ڊ ر ) خيرپور جي وانڍ محلي جو رهواسي سياسي سماجي اڳواڻ الهورايو ڦلپوٽو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو ، جنهن جي جنازي نماز وانڍ ڀرسان ادا ڪئي وئي ، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ، ڊاڪٽرن ، صحافين ، وڪيلن سميت شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ، جنهن بعد مرحوم جو مڙھ اباڻي قبرستان ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو ، مرحوم الهورايو عرف انور ڦلپوٽو ج جي پٽ ڊاڪٽر طارق احمد ڦلپوٽو ۽ وارثن سان سندن رهائشگاهه وانڍ ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آھي،خيرپور (ڊر) پبلڪ هيلٿ جي نااهلي سبب شھرين کي پيئڻ جي مٽي پاڻيء جي فراهمي معطل ، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سردي باوجود شدت اختيار ڪري وئي ، شھرين جو احتجاج نوٽيس جو مطالبو ، خبر موجب چوماسي برساتن کانپوء خيرپور ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھن هن سلسلي ۾ خيرپور جي شھرين ارشد راجپوت ، ذيشان ميمڻ ۽ ٻين چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شهر ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي فراهمي معطل ٿيل آھي شهري پاڻي جي بوند بوند لاء ترسي رهيا آھن ڪجهه شهري پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آھن هنن مطالبو ڪيو ته فل فور مٺي پاڻي جي فراهمي ڪري شھرين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي
