اسلام آباد، حڪومت توانائي بچائڻ لاءِ ايمرجنسي پلان تيار ڪري ورتو

اسلام آباد، حڪومت توانائي جي بچت لاءِ ايمرجنسي پلان تيار ڪري ورتو آهي ان حوالي سان وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي جي بچت ۽ ايمرجنسي انرجي پلان بابت معاملن تي غور ڪيو ويو
ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا ايمرجنسي انرجي سيونگ پلان جي منظوري ورتي، جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبن جي سهڪار سان توانائي جي بچت واري منصوبي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي توانائي جي بچاءَ لاءِ وفاقي حڪومت جي ايمرجنسي پلان ۾ ڪيترائي قدم شامل آهن، جن ذريعي توانائي جي بچت ممڪن ٿي ويندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس بابت ٻڌايو ته توانائي جي بچت لاءِ قومي ايمرجنسي پلان جي نتيجي ۾ درآمدي بل ۾ واضح گهٽتائي ايندي اجلاس ۾ غير معمولي صورتحال ۾ غير معمولي قدمن جو فيصلو ڪيو ويو ياد رهي ته ملڪ ۾ توانائي جي شعبي جو گردشي قرض 4 هزار 177 ارب رپين جي سطح کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته گردشي قرض 129 ارب رپين جي سالياني جي شرح سان وڌي رهيو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 2 هزار 277 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. ان کان علاوه پي ايس او جو گردشي قرض 600 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. پي ايس او تيل امپورٽ ڪرڻ لاءِ ليٽر آف ڪريڊٽ ڊفالٽ ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن سبب پي ايس او ناڻي واري وزارت کان ليٽر آف ڪريڊٽ بچائڻ لاءِ 80 ارب رپين جي درخواست ڪئي آهي ان کان علاوه گئس شعبي جو گردشي قرض 1400 ارب رپين تائين آهي، جڏهن ته وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جا 950 ارب رپيا بجلي ڪمپنين تي واجب الادا آهن، گردشي قرضن سبب توانائي جو سلسلو متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي

پنھنجي راءِ لکو