جشن آزادي حوالي سان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: فرينڊز ٽيبل ٽينس ڪلب ايم ايم سي کي شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي

جشن آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ديالداس ڪلب حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن واري انڊپينڊنٽس ڊي اوپن گرلز ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ فرينڊز ٽيبل ٽينس ڪلب حيدرآباد ايم ايم سي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. فرينڊز ٽيبل ٽينس ڪلب حيدرآباد ۽ نجي ڪمپني جي سهڪار سان جشن آزادي انڊپينڊنٽس ڊي اوپن گرلز ٽيپ بال ٽورنامينٽ جي پڄاڻي واري تقريب ديالداس ڪلب حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، جشن آزادي جي حوالي سان منعقد ڪيل گرلز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ صدر فرينڊز ٽيبل ٽينس ڪلب محمد شاهد قائمخاني، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد ارشاد علي چانڊيو، آرگنائيزنگ ڪميٽي جي قسيم قريشي  ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي گرلز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور تي 8 ٽيمن فرينڊس ٽيبل ٽيبل ٽينس ڪلب، گل اسپورٽس، ال قريشي،  سيون اسپورٽس، حيات ومز اڪيڊمي، سيون اسپورٽس 2 ۽ ايم ايم سي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن حصو ورتو. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ فرينڊز ٽيبل ٽينس ڪلب حيدرآباد ۽ ايم ايم سي ٽيم جي درميان ٿيو جنهن ۾ مجموعي طور تي 6 اوورن جي ميچ ۾ 48 رنز جو حدف پنجن اوورن ۾ مڪمل ڪري فرينڊز ٽيبل ٽينس ڪلب ايم ايم سي کي شڪست ڏئي گرلز ٽورنامينٽ جي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي . بعد ۾ فرينڊز ٽيبل ٽينس ڪلب حيدرآباد جي صدر محمد شاه قائمخاني ۽ ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد ارشاد علي چانڊيو پاران کٽيندڙ ٽيم کي ٽرافي ۽ 25 هزار رپيا روڪ انعام سان نوازيو ويو. ٻئي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيم کي 15 هزار رپيا روڪ انعام جڏهن ته ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيم کي 10 هزار رپيا روڪ انعام سان نوازيو ويو.