56

گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جي مان ۾ اڄ جي ايڇ ڪيو ۾ تقريب منعقد

پيرس اولمپڪس 2024 ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم جي لاءِ اڄ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نشان امتياز(ملٽري) طرفان جي ايڇ ڪيو ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي ويندي. اولمپڪس ۾ 40 سالن کان پوءِ گولڊ ميڊل پاڪستان جي نالي ڪندڙ ارشد نديم ۽ سندس گهر ڀاتين جي اعزاز ۾ خصوصي تقريب اڄ جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ ٿيندي، تقريب منعقد ڪرڻ جو مقصد گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جي صلاحيتن جو اعتراف ۽ حوصلو ڏيارڻ آهي. پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم قوم جي اميدن تي پورو لٿو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، گولڊ ميڊلسٽ راندين جي دنيا ۾ پاڪستان جي نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو. ياد رهي ته پيرس اولمپڪس 2024 ۾ جيولن ٿرو جي مقابلي ۾ 92.97 ميٽر ٿرو اڇلي ارشد نديم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري پاڪستان جي لاءِ واحد گولڊ ميڊل کٽيو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو