اين ڊي ايم اي وزيراعظم کي ٽن پرڏيهي سياحن بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي اين ڊي ايم اي فوري طور تي قدم کڻندي 3 پرڏيهي سياحن بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. وزيراعظم کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اطالوي ۽ ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ پرڏيهي سياح محفوظ هنڌن تي آهن ۽ متاثر علائقن کان پري آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارا حالتن جو جائزو وٺي رهيا آهن، اين ڊي ايم اي طرفان فيٽه پل جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. لاڳاپيل ادارا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. وزيراعظم چيو ته سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوندو. انهي کان اڳ وزيراعظم پنجاب جي شهري علائقن ۾ برساتن سبب ٻوڏ صورتحال جي امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.