عمران خان جي مبينه سهولتڪاري تي تحويل ۾ ورتل اڊيالا جيل جو اڳوڻو سپرنٽينڊنٽ گهر پهچي ويو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي سهولتڪاري جي الزام هيٺ تحويل ۾ ورتل اڊيالا جيل جو اڳوڻو سپرنٽينڊنٽ ظفر اقبال گهر پهچي ويو. اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي 13 آگسٽ تي پڇاڳاڇا جي لاءِ تحويل ۾ ورتو ويو هو. ذريعن موجب ظفر اقبال جمعي تي ٻنپهرن جو اوچتو اڊيالا جيل جي ڀرسان پنهنجي رهائشگاهه پهتو ظفر اقبال جي گهر پهچڻ تي گم ٿيل اسسٽنٽ ناظم شاهه جي گهر ڀاتين به ملاقات ڪئي، ظفر اقبال جي گهر ڀاتين ملاقات ۾ ناظم شاهه جي باري ۾ لاعلمي جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف پنجاب جو اڳوڻو آءِ جي مرزا شاهد سليم بيگ به گهر پهچي ويو هن ڳجهن ادارن طرفان حراست ۾ وٺڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. مرزا شاهد سليم بيگ گهر پهچڻ کان پوءِ هڪ وڊيو ٺاهي شيئر ڪئي جنهن ۾ ٽي وي تي ان جي حراست ۾ وٺڻ جون خبرون هلي رهيون هيون، وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پنهنجي ئي گهر ۾ پنهنجي گرفتاري جي خبر چانهه جو ڍڪ ڀريندي ٻڌي رهيو آهيان، انهي کي غلط صحافت چيو ويندو آهي.