وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان پنجاب جي بجلي صارفين لاءِ ريليف پيڪيج جي آجيان ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف جي بجلي صارفين لاءِ تاريخي ريليف پيڪيج جي آجيان ڪريون ٿا، هن چيو ته 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ في يونٽ 14 روپين جو رليف ڏنو ويو آهي. بنا ڪنهن شڪ جي اهو نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جو عوام دوست قدم آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته نوازشريف جي هدايت تي عهدو سنڀاليندي ئي عوامي رليف کي حڪومت جي اولين ترجيح رکيو. وفاقي حڪومت جي ترقياتي بجيٽ کان 50 ارب ڪٽي بجلي جي قيمتن ۾ رليف ڏنو. هن چيو ته اسان جي ڏنل رليف مان 200 يونٽ وارا صارفين فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي جي چوري خلاف قدمن ۽ بجلي شعبي جي اصلاحات سان ان جو پائيدار حل ڪڍڻ لاءِ ڪوشان آهيون.