سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آڊيو ليڪ ڪيس ۾ وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ بشريٰ بي بي ۽ نجم الثاقب آڊيو ليڪ ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏنا ته 29 مئي جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي ۾ اٿارٽيز کي فون ٽيپنگ کان روڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي سبب انٽيليجنس ايجنسيز ڪائونٽر انٽيليجنس نه پيو ڪري سگهن ۽ ڪنهن کي به دهشتگرد جي خلاف ڪارروايون نه پيون ڪرڻ ڏنيون وڃن، آءِ ايس آءِ، آءِ بي کي به فون ٽيپنگ ۽ سي ڊي آر کان به روڪيو ويو آهي. جسٽس امين الدين خان پڇيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ اهو تعين ڪيو آهي ته آڊيو ڪير رڪارڊ ڪري رهيو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اڃان تائين اهو تعين نه ٿي سگهيو آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي. جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ سچ تائين ڪير به نٿو پهچڻ چاهي، سچ ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري ڪميشن ٺهيو ان کي سپريم ڪورٽ مان اسٽي ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ اڄ تائين ٻيهر آڊيو ليڪس ڪيس مقرر ئي نه ٿيو، پارليامينٽ سچ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي به روڪيو ويو، نه پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو نه عدالت کي ته پوءِ سچ ڪيئن سامهون ايندو؟ جسٽس امين الدين خان چيو ته اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته جن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي آڊيو انهي ليڪ ڪئي هجي؟ ڇا انهي رخ کي ڏٺو ويو آهي؟ اڄڪلهه ته هر موبائيل ۾ رڪارڊنگ سسٽم موجود آهي. عدالت وفاقي حڪومت جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 25 جون جو حڪم نامو معطل ڪري ڇڏيو. عدالت ٻئي حڪم اچڻ تائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي وڌيڪ ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو هاءِ ڪورٽ آرٽيڪل 199 جا اختيار ٻڌڻي کان مٿانهان ڪيا، ڇو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن عدالتي فيصلن ۾ اصول طئي ٿيل آهي ته هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس نٿي وٺي سگهي، عدالت کي ٻڌايو ويو 31 مئي جي هاءِ ڪورٽ جي ٻڌڻي ۾ جيڪي پنج سوال طئي ڪيا ويا اهي درخواستگذارن جو ڪيس ئي نه هو ۽ هاءِ ڪورٽ جاچ نٿي ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته 29 مئي 2024 جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي جو جائزو ورتو ويو. 29 مئي جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي کي ايندڙ عدالتي ڪارروائي ۾ واڌ نه ڏني وئي ان لاءِ حڪم نامو معطل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.