سنڌ حڪومت ڪرپٽ نه آهي، چاهيان ٿو مون کي پنهنجي ڪم سان ياد رکيو وڃي: مراد علي شاهه

 سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪرپٽ نه آهي، چاهيان ٿو ته مون کي پنهنجي ڪم سان ياد رکيو وڃي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي خرابي ۾ تمام گهڻا ماڻهو شامل آهن، ڪراچي جي باري ۾ جيڪو وهم پيدا ڪيو ويو آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جي حقيقت نه آهي، ڪراچي ۾ هن سال 200 ارب روپين کان وڌيڪ ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيا ويندا. مراد علي شاهه چيو ته برسات متاثرين جي لاءِ گهر ٺاهڻ جو وڏو منصوبو شروع ڪيو، اسان ٻوڏ متاثرين کي 21 لک گهر ٺاهي ڏئي رهيا آهيون، پاڻي، ٽرانسپورٽ راندين جي ميدان ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته  ٿر جي ڪوئلي  جي ڳولا ۽ ڊوالپميٽ ۾ اهم رول رهيو آهي، ٿر ڪول جي پلانٽس جي انرجي جي قيمت 5 روپيه في يونٽ اچي رهي آهي، ٿر ڪول پلانٽس مان 2640 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.