پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته جنرل(ر) باجوه ۽ فيض حميد جي جوڙي پي ٽي آءِ لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي، فيض پهريان جنرل باجوه جو ماڻهو ۽ ان کان وڌيڪ پنهنجي لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي شير افضل مروت چيو ته منهنجي پهرين ۽ اڄ جي راءِ هڪ ئي آهي، ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جو بحيثيت ڊي جي آءِ ايس آءِ ڪردار هو، سياسي مخالفن کي تنگ ڪرڻ، ڪيس ٺاهڻ، قمر جاويد باجوه جي چوڻ تي قاضي فائز عيسيٰ جي حوالي سان ريفرنس تيار ڪرڻ، ماڻهن تي ڪيس ٺاهي جيلن ۾ وجهرائڻ اهي سموريون حرڪتون ڪوبه وڪيل برداشت نٿي ڪري سگهيو، انهي وقت به مون مذمت ڪئي ۽ هميشه ڪندو رهندس. هن وڌيڪ چيو ته جنرل(ر) باجوه ۽ فيض حميد جي جوڙي پي ٽي آءِ لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي، فيض پهريان جنرل باجوه جو ماڻهو هو ۽ ان کان وڌيڪ پنهنجي لاءِ ڪم ڪري رهيو هو، مان سمجهان ٿو ته ٻنهي جي جوڙي تاريخ ۽ وقت ثابت ڪيو آهي ته اسان جي لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي نيڪ نامي ڪنهن به کاتي ۾ نه آئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ماضي جي ملاقات مان اهو اندازو لڳايو ته قيد ۾ وڃڻ کان پوءِ انهي کي فيض حميد جي ڪردار تي شڪ ٿي ويو هو. شير افضل مروت پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتون گهٽ ٿين ٿيون،. پارٽي جي سمورن ماڻهن کي پهچ ملڻ گهرجي اهو نه هجي ته مخصوص ماڻهو جيل وڃن ۽ اهي ئي ڪنٽرول ڪن، هن وڌيڪ چيو ته 22 آگسٽ تي هر حال ۾ جلسو ٿيندو، خيبرپختونخواهه مان قافلا ڪرينون ۽ سموريون ضرورت جون شيون کڻي اينداسين، حڪومت اسان کي روڪي نٿي سگهي.