سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ننڍي ڀاءُ بجلي جا بل وڌايا، وڏي ڀاءُ پنجاب لاءِ گهٽ ڪري ڇڏيا، مريم نواز جي تقرير ٻڌي ڏک پهتو آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شرجيل ميمڻ صرف پنجاب ۾ بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي فيصلي تي تنقيد ڪئي. هن چيو ته سياست مان به ڪري سگهان ٿو. اڳواڻ جو مقصد ٻن مهينن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ نه هوندو آهي عوام کي مستقل رليف ڏنو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته سعيد غني چيو هو ته 2 مهينن جي رليف کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ پلاننگ صرف 2 مهينن جي لاءِ نه پر وڏي وقت جي لاءِ هجڻ گهرجي، بجلي جا بل پيپلز پارٽي ته نه وڌايا هئا. هن چيو ته اسان ڪڏهن به مشورو تنقيد جي لاءِ ناهي ڏنو. پيپلز پارٽي ڪڏهن به منفي سياست ناهي ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف بجلي جا بل پوري ملڪ جي لاءِ وڌايا. پيپلز پارٽي اڳواڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي سهولتون ڏئي رهي آهي، هن چيو ته ڪالهه ملڪي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن هو پ پ چيئرمين ڪالهه ڪراچي ۾ اسپتال جو افتتاح ڪيو، پوري ملڪ مان ماڻهو سنڌ ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ ايندا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسپتالن ۾ عوام کي مفت علاج ڏئي رهي آهي، سنڌ جي اسپتالن ۾ مختلف بيمارين جو مفت علاج ٿيندو آهي، ٻيا ڪم ٿيندا رهندا پهريان عوام جو علاج ضروري آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سڀني کان پهريان صحت ٻيا ترقياتي ڪم بعد ۾ به ٿيندا رهندا، سڀني کان پهريان صحت پيپلز پارٽي جي اولين ترجيح آهي.