پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجي ڇت منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته جنهن وٽ پنهنجي ڇت هوندي آهي انهي وٽ قدر گهٽ هوندي آهي جنهن وٽ پنهنجي ڇت نه آهي انهن کان قدر پڇو، اوهان وٽ دنيا جون سڀ نعمتون هجن، پنهنجي ڇت نه هجي ته اها گهٽتائي محسوس ٿيندي آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڪافي مشڪل آهي. هن چيو ته سيڪريٽري هائوسنگ اسدالله خان اسان جي خواهش کي حقيقت جي شڪل ڏني، انشاءَالله اسان جلد ماڻهن کي گهر به ٺاهي ڏينداسين، جيڪڏهن اوهان وٽ شهري علائقي ۾ هڪ کان 5 مرله ۽ ڏوراهين علائقن ۾ 10 مرله جي زمين آهي ته پنجاب حڪومت اوهان کي 15 لک روپيه آسان قسطن تي بنا وياج جي قرض ڏيندي جنهن جي ماهوار قسط 14 هزار هوندي، پهريان 3 مهينا هڪ روپيو به نه ڏيڻو پوندو ان کان پوءِ 14 هزار روپيه ماهوار قسط ڏيڻي پوندي، وياج پنجاب حڪومت ادا ڪندي، ماڻهن کي ڪوبه ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو. مريم نواز چيو ته مون کي اندازو آهي ته گهٽ آمدني وارا ڪيئن گذارو ڪندا آهن، بجلي جي بلز ۾ به 45 کان 50 ارب روپين جو رليف ڏئي رهيا آهيون، ايندڙ سال کان تاريخ جو سڀني کان وڏو سولر پروگرام آڻي رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ سال کان بل ئي نه ڏيڻو پوي پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته انهي جي لاءِ هڪ نمبر ڏنو ويو آهي، پي آءِ ٽي بي جي پورٽل تي به اپلاءِ ڪري سگهو ٿا، اوهان وٽ زمين جو ٽڪڙو آهي ته پنهنجي علائقي جي ڊي سي ۽ ڪمشنر آفيس کان به ڄاڻ وٺي سگهو ٿا، اسان ڪوشش ڪئي آهي ته ان جي قسط ڪرائي کان گهٽ رکون، اسان گهر به ٺاهڻ جو ارادو رکون ٿا، تمام جلد گهر ٺاهڻ به شروع ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته اها اسڪيم عوام جي ضرورت کي آڏو رکندي ٺاهي وئي آهي، هن وقت اها اسڪيم ڪجهه ضلعن ۾ آهي، پر منهنجو ارادو آهي ته ايندڙ پنجن سالن تائين پوري پنجاب ۾ انهي اسڪيم کي پکيڙيون، سمورن ڊي سيز کي به حڪم جاري ڪيا ويا آهن. مريم نواز وڌيڪ چيو ته پنجاب الله تعاليٰ جي فضل وڪرم سان هر شيءَ ۾ اڳيان آهي، ماڻهن جون ڊوڙون لڳي ويون آهن، مان روزاني 16 ڪلاڪ ڪم ڪري رهي آهيان، نه مان پاڻ آرام سان ويهندي آهيان نه سرڪاري آفيسر کي آرام سان ويهڻ ڏيندي آهيان، ايندڙ ڏينهن ۾ اوهان ڏسجو ته گذريل پنجن ڇهن مهينن جي محنت رنگ آڻيندي، دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي انهي نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ڪري.(آمين)