ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ محمد حسن بنگوار جي رهواسين جو پوليس چڙهائي خلاف معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج

ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ محمد حسن بنگوار جي رهواسين جو پوليس چڙهائي خلاف معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪندي پوليس جي ڏاڍ خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن محمد حيات بنگوار علي بيگ بنگوار محبوب علي بنگوار ۽ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال پهرين اسان جي نوجوان مراد علي بنگوار جيڪو روڊس کاتي ۾ سرڪاري ملازم هو جيڪو پنهنجي ڳوٺ طرف اچي رهيو هو ته ان کي ڦر دوران شهيد ڪيو ويو جنهن جا قاتل اسان سڃاتا هئا جن جو ٻن ڄڻن جو تعلق بنگوار برادري ۽ ٻن جو تعلق گولا برادري سان آھي جن مٿان ڪيس به داخل ٿيل آهي پر پوليس انهن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي جڏهن ته ڪجه وقت پهريان اسان جي مخالف بنگوار برادري جو نوجوان کي راه ويندي نا معلوم هٿيار بند قتل ڪري ويا جنهن جي قتل ڪيس ۾ اسان جا ناحق نالا ڏئي اسان خلاف پوليس رڻ ٻاري ڏنو آهي اڄ صبح ڪنڌڪوٽ جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اسان جي گهرن مٿان چڙھائي ڪري لکين روپيا روڪ سونا زيور نياڻين جو رکيل ڏاج سميت گهر ڊاهي پٽ ڪري ٻن معصوم نينگرن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان کي خدشو آهي ته پوليس اسان جي نينگرن کي ناحق فل فرائي نه ڪري ڇڏي ڳوٺاڻن چيو ته اسان شريف آهيون مخالفن کي سياسي ڀوتارن جي پٺڀرائي حاصل آهي اسان جو ڪو به قصور نه آهي اسان اڄ به نيت پت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. پوليس رشوت عيوض مخالفن جي ونگار وهي ٿي ۽ اسان جي شهيد ٿيل نوجوان جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي اسين ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي سميت آء جي سنڌ وزير اعلي سنڌ ۽ وس وارن کي هن احتجاج ذريعي اپيل ڪيون ٿا ته اسان جي دانهن جي داد رسي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو