رپورٽن موجب، يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جاري تڪرار دوران سائبر حملن سبب ھنگامي حالتن بابت معلومات فراھم ڪندڙ سرڪاري موبائل ايپس متاثر ٿيون آھن، جنھن جي نتيجي ۾ شھرين کي جعلي خطرن بابت اطلاع مليا ۽ عوام ۾ پريشاني پکڙجي وئي.رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ سائبر حملن دوران ڪيترن ئي ماڻھن کي اھڙا جعلي الرٽ موصول ٿيا، جن ۾ ھنگامي صورتحال بابت غلط معلومات ڏني وئي. ماھرن موجب، اھڙن حملن سبب عوام کي صحيح ۽ بروقت معلومات پھچائڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي سگھن ٿيون.واقعي کانپوءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن طرفان حفاظتي قدم کنيا ويا آھن، جڏھن تھ سائبر سيڪيورٽي ماھرن کي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ نظام کي محفوظ بڻائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي.اختيارين شھرين کي ھدايت ڪئي آھي تھ ھنگامي حالتن بابت معلومات صرف سرڪاري ۽ تصديق ٿيل ذريعن مان حاصل ڪن ۽ سوشل ميڊيا يا ٻين غير تصديق ٿيل ذريعن تي موجود مشڪوڪ اطلاعن تي ڀروسو نھ ڪن.