شھدادپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڪلوئي برادري جي 30 کان وڌيڪ ھٿياربندن ۽ لٺ برادرن پاران پريس ڪلب شھدادپور جي جنرل سيڪريٽري سينئر صحافي قاسم ڪلوئي تي اوچتو حملو ڪري قاسم ڪلوئي ۽ سندس پٽ ممتاز ڪلوئي کي ھٿيارن جا بٽ ۽ ڏنڊا ھڻي زخمي ڪري گارگند ڪري حملي آور فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي صحافين، وڪيلن ۽ پوليس پھچي زخمي صحافي ۽ سندس پٽ کي سمس اسپتال پھچايو جتي زخمي صحافي قاسم ڪلوئي ٻڌايو ته ڪلوئي برادري سن سڱاوتي معاملي تان تڪرار ھلبدڙ ھو ڪلوئي برادري اڄ صبح مون خلاف ڪوڙو من گھڙت الزام مڙھي ٿاڻي تي ڪوڙي اين سي داخل ڪرائڻ بعد حاجي ڪلوئي، صديق ظھير، امداد، عمران علي، فرحان، مجاھد، عزيز سميت 30 کان وڌيڪ ھٿياربندن ۽ لٺ بردارن مون تي اوچتو حملو ڪري مون کي ۽ منھنجي پٽ کي زخمي ڪري گارگند ڪندا فرار ٿي ويا آھن. هوڏانهن پوليس اهڙي واقعي جي اين سي داخل ڪري ڪابہ گرفتاري نه ڪئي آھي.