تنگواڻي,پوليس ٿاڻي جي حد ۾ سورنهن ڏينهن اڳ شهر جي مدرسي پاڙي مان اغوا ٿي ويل ٽن ورهين جو مسرور بکراڻي راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ٿي ويو,علائقي ۾ چئو ٻول آهن ته پوليس هڪ بااثر معرفت ڊيل ڪري ڏھ لک ڀنگ ڀري مسرور کي بازياب ڪرائي ورتو,نينگر گهر پهچڻ تي والدين توڙي پاڙي وارن ۾ خوشي جي لهر عيد جو منظر نظر آيو والدين جي اکين ۾ خوشي مان ڳوڙها اچي ويا,ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او تنگواڻي بادل جکراڻي ٻڌايو ته نينگر کي ڪچي واري علائقي توج وٽ بازياب ڪرايو آهي ڏوهاري نينگر کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪن پيا ته ڪجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو ته جوابدار نينگر کي ڇڏي فرار ٿي ويا اسان مسرور کي بازياب ڪرايو آهي
