نوشهروفيروز : ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ ايڪس افيشيو جسٽس آف پيس نوشهروفيروز جناب نديم بدر قاضي جي عدالت ايس ايڇ او محرابپور ابراهيم سومري خلاف ڊائريڪٽ ڪمپلين داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم محرابپور واسي محمد ڇٽل مغل عرف پپو لوهر جي 22 اي ۽ بي جي درخواست تي ڏنو آهي. محمد ڇٽل لوهر جي وڪيل امر امتياز ايڊووڪيٽ ٻڌايو تہ اهو آرڊر اسان جي حق ۾ آهي، جيڪڏهن عدالت ايف آئي آر جو حڪم ڪري ها تہ پوليس خلاف پوليس ئي جاچ ڪري ها ۽ ان جو نتيجو پوليس خلاف نہ نڪري ها، جڏهن تہ هاڻي اها ايف آئي آر ساڳي عدالت وٽ ٿيندي ۽ ان جا نتيجا بهتر نڪرندا.