پريالوءِ : ٽائون ڪاميٽي پريالوء جي اڳواڻي اڊمنسٽريٽر جي جعلي سازي زريعي نوڪري وٺڻ ۽ غير قانوني پروموشن وٺڻ جو انڪشاف ، ٽائون ڪاميٽي پريالوء جي ڪلارڪ پاران ليگل نوٽيس ، جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت تفصيل موجب ٽائون ڪاميٽي پريالوء جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ موجوده اسسٽنٽ آفتاب مغل پاران جعلي سازي ذريعي نوڪري وٺڻ بعد 5 سالن جي مختصر عرصي ۾ 4 پروموشنون وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان سلسلي ۾ ٽائون ڪاميٽي پريالوء جي ڪلارڪ احسان احمد لوهر پنهنجي وڪيل راحب علي ملاڻو معرفت ليگل نوٽيس موڪلي کائنس وضاحت طلب ڪئي آهي ته توهان کي 2012_12_18 جونيئر ڪلارڪ طور تي ميونسپل ڪاميٽي پيرجوڳوٺ ۾ مقرر ڪيو ويو جنهن بعد 66 ملازمن جا آرڊر جعلي قرار ڏنا ويا هئا جنهن ۾ توهان جو آرڊر پڻ شامل هو جنهن بعد توهان سميت 66 ملازمن سنڌ هاء ڪورٽ سکر آئيني درخوست داخل ڪرائي جنهن تي معزز عدالت لوڪل گورنمينٽ کاتي ملازمن جي دستاويزن جي تصديق ڪرائي جنهن ۾ ڊپارٽمينٽ عدالت کي واضع طورتي آگاهه ڪيو ويو ته توهان جو رڪارڊ موجود نه هئڻ بابت آگاهه ڪرڻ تي سنڌ هاء ڪورٽ توهان سميت 66 ملازمن جا آرڊر جعلي قرار ڏئي نوڪري تان برطرف ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو جنهن بعد توهان سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي ڊپارتمينٽ ۾ بحال ڪرايو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ جونيئر ڪلارڪ مان پروموشن وٺي سينيئرڪلارڪ ٿي ويا جڏهن ته ٻيا ملازم پروموشن جو انتظار ڪري رهيا آهن جنهن بعد چيف مونسپل آفيسر ڪنگري توهان کي اپائيٽمينٽ جعلي قرار ڏئي ڊپارٽمينٽ کي توهان خلاف ليٽر جاري ڪيو جيئن توهان کان گريٽي فڪيشن جي رقم وصول ڪئي وڃي جنهن بعد اوهان غير قانوني طور تي ٽائون ڪاميٽي پريالوء ۾ جوائن ڪيو ۽ غير قانوني طور تي سينرڪلارڪ بي پي ايس 14 مان اسسٽنٽ بي پي اي 16 ۾ ترقي حاصل ڪري ٻين ملازمن جي حق تلفي ڪندي معاشي قتل عام ڪيو. توهان غير قانوني طور تي ٽائون ڪاميٽي پريالوء جا ٽائون آفيسر ۽ ٽائون ڪاميٽي جا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيندا رهيا جنهن دوران توهان سبزي مارڪيٽ جو جيڪو نيلام ڪرڻ بجاء غير قانوني طور تي من پسند ماڻهن حوالي ڪري سرڪار کي نقصان پهچايو ۽ سبزي مارڪيٽ جا پسه اڪائونٽ ۾ منقتل ڪرڻ بجاء توهان هڙپ ڪندا رهيا آهيون تنهنڪري اوهان هن نوٽيس جي 7 ڏينهن اندر پنهنجي پوزيشن ڪليئر ڪريو ٻئي صورت ۾ توهان ڪورٽ ۾ وڃڻ جو حق محفوظ رکجي ٿو