پنجاب ۽ سنڌ جي ڪچي واري علائقن ۾ ڌاڙيلن جي خلاف وڏي ڪارروائي جي تياري ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان ڪچي جي ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان پوليس جي گڏيل آپريشن جي تجويز ڏني وئي آهي. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت هاءِ ويليو ٽارگيٽ ڌاڙيلن جي مٿان مقرر ڪيل قيمت 10 لک روپين مان وڌائي هڪ ڪروڙ ۽ خطرناڪ ڌاڙيلن جي گرفتاري تي 50 لک روپيه انعام مقرر ڪيو ويو آهي. پنجاب جي گهرو وزارت ڪچي جي 20 خطرناڪ ڌاڙيلن جا نالا، تصويرون ۽ سندن مٿان مقرر ڪيل قيمت جاري ڪري ڇڏي آهي. ڪچي جي ڌاڙيلن مٿان مقرر ڪيل قيمت 10 لک مان وڌائي هڪ ڪروڙ روپيه مقرر ڪئي وئي آهي. پوليس کي گهربل ڌاڙيلن ۾ شاهد ولد ڪمال، مجيب ولد امان الله، غني ولد علي بخش، احمد عرف شوبي ولد رسول، احمد ولد رسول، عطاءُالله ولد الله ڏنو، سبز علي ولد الله ڏنو، قبول ولد ميوه، ميرا ولد حضوري، دريجن عرف دادو، گورا ولد حسين، ثناءُالله ولد جهانگل، تنوير عرف دودهر ۽ راهب شر، عمر شر ولد سانوڻ، ظهور ولد اڪبر، مور زاده ولد عبدالله، گل حسن ولد عالم ۽ صداري ولد مراد پوليس کي گهربلن ۾ شامل آهن. ڌاڙيلن جي باري ۾ ڳجهي اطلاع ڏيڻ لاءِ گهرو وزارت جي واٽس ايپ نمبر 03334002653 تي رابطو ڪيو وڃي، اطلاع ڏيندڙن جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. ٻئي پاسي رحيم يار خان ۾ 12 پوليس اهلڪارن جي شهادت جو ڪيس ماچڪو ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪوش، سيلرا، شر ۽ انڍڙ گينگ جي 131 ڏوهاري پيشور ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. انسپيڪٽر امجد رشيد جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل، اغوا ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ياد رهي ته خميس تي رحيم يار خان جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن پوليس جي گاڏي تي راڪيٽن سان حملو ڪيو جنهن ۾ 12 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا.