ميهڙ ڀرسان هوٽل جو زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 2 ڄڻا فوت، صدمي ۾ امڙ به حياتي وڃائي ويٺي

ميهڙ ڀرسان دل ڏکائيندڙ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي،  ميهڙ جي ڪاسائي محله ۾ هوٽل جو زھريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 4 گھر ڀاتي بيهوش نوجوان پٽ۽ نوجوان نياڻي فوت صدمي ۾ سندن جي امڙ به فوت، والد  ۽ نوجوان پٽ بيھوش واري حالت ۾ مبتلا ميھڙ جو مشھور ڦوٽون گرافر سڪندر شيخ گھر ڀاتين لاءِ ھوٽل تان کاڌو گھرائيو کاڌو کائڻ کان پوءِ سڪندر شيخ، ٻه نوجوان پٽ جنيد شيخ، جواد شيخ، نوجوان نياڻي طيبه شيخ بيھوش ٿي ويا، جن کي تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو، جن مان 12 ورھين جو جنيد شيخ ۽ نياڻي طیبہ شيخ فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن جو پي سڪندر شيخ ۽ پٽ جواد شيخ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا. ھن ڏکائيندڙ واقعي جي گھر ۾ خبر پوندي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، صدمي ۾ نوجوان ٻارڙن جي امڙ به  فوت ٿي وئي، جڏهن ته پاڙي وارن جو چوڻ هو ته سڪندر شيخ ميھڙ شھر جي مقامي ھوٽل تان گھر وارن لاءِ ماني وٺي آيو جنهن جي کائڻ کان پوء گھر جا ڀاتي بيهوش ٿي ويا، جڏهن ته سڪندر شيخ جي ڀاء امتياز شيخ ٻڌايو ته کاڌي کائڻ سان ئي فوڊ پوائزن ٿي ويو جنھن سبب اھو واقعو پيش آيو آهي اسين مطالبو ٿا ڪيون ته ھن افسوس ناڪ واقعي جي انڪوائري ڪئي وڃي.