خيرپور ڀرسان پراڻي نيشنل هاءِ وي تي بيٺل ڪار مان نامعلوم عورت ۽ مرد جا لاش هٿ

خيرپور ڀرسان پراڻي نيشنل هاءِ وي تي بيٺل خيبر ڪار مان نامعلوم عورت ۽ مرد جا لاش هٿ آيا آهن. رپورٽ موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪوثر اسپتال ڀرسان پراڻي نيشنل هاءِ وي تي بيٺل خيبر ڪار مان فيض آباد پوليس کي نا معلوم ھڪ عورت ۽ مرد جا لاش هٿ آيا آهن. اهڙي اطلاع تي پو ليس واقعي واري جڳهه تي پھچي عورت ۽ مرد جا لاش سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جتي ضابطي جون ڪارروايون مڪمل ڪيون پيون وڃن. پوليس موجب اتان جي رهندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪالهه کان مذڪوره ڪار اتي ئي بيٺل آهي. پوليس عورت ۽ مرد جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن پوليس موجب لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوسٽ مارٽم بعد فوتين جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو.