پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته حڪومت اين او سي ملتوي ڪري غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻئي 9 مئي سانحي جو امڪان هو. پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري ايندڙ علي محمد خان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني کي 9 مئي تي نه کنيو وڃي ها ۽ ان جو پارٽي سان رابطو بحال هجي ها تڏهن به هو پنهنجي ڪارڪنن کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ها. علي محمد خان چيو ته عليمه خان جڏهن پي ٽي آءِ باني سان ڳالهيون ڪيون تڏهن تمام گهڻيون شيون ڪليئر نه ٿي سگهيون هيون، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني ڳري دل سال جلسو ملتوي ڪيو، هاڻ هن چئي ڇڏيو آهي ته 8 سيپٽمبر تي جلسو لازمي ٿيندو. علي محمد خان چيو ته هاڻ حڪومت ۽ رياستي ادارن ۽ انتظاميه جي ذميواري آهي ته 8 سيپٽمبر تي اسان کي پرامن جلسو ڪرڻ ڏين. ان کان اڳ اڊيالا جيل ۾ ڳالهيون ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو ته 22 آگسٽ جو جلسو ملتوي نه ٿئي ها ته امڪان هو ته هڪ ٻيو 9 مئي بنائي پي ٽي آءِ جي گلي ۾ وڌو وڃي ها. عمران خان چيو ته مون کي ڄاڻ ڏني وئي هئي ته اسلام آباد ۾ ديني پارٽيون احتجاج ڪري رهيون آهن جنهن سبب انتشار پکڙجڻ جو امڪان آهي. جنهن کان پوءِ مون اعظم سواتي ۽ بيرسٽر گوهر کي گهرائي ملاقات ڪئي ان کان پوءِ جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.