پريالوءِ جي صحافين پاران : خبرن هلائڻ جي ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ جو ڪچو ملازم صحافين تي ڏمرجي پيو، صحافين کي موت مار ڌمڪيون ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون تفصيل موجب پريالوءِ جي صحافين پاران شهر مان ڦهليل گندگي ۽ ٽٽل ڪراس ۽ اسٽيٽ لائيٽ خراب هجڻ جون خبرون هلائڻ تي ٽائون ڪميٽي پريالوءِ جو اليڪٽرڪ ڪچو ملازم عبدالرشيد بوزدار صحافي عبدالسلام بلوچ، صحافي محمد عمر ڀٽو جي مٿان ڏمرجي پيو، جڏهن ته ڪجھ ڏينھن کان عبدالرشيد بوزدار، صحافين کي موت مار ڌمڪيون پيو ڏيندو اچي جيڪو نه صرف صحافين خلاف پر هر عام شهر کي بيزار ڪرڻُ ڪا به قصر ناهي ڇڏي، رشيد بوزدار جيڪو صحافين کي موت مار ڌمڪيون ڏيندي چيو ته مون جي خلاف خبرون ٿو هلائين، توهان جو حڇر خراب ٿيندو، توهان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيدم، پريالوءِ جي صحافين ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته رشيد بوزدار کي گرفتار ڪري قلم ڌڻين سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ رشيد بوزدار جي گرفتاري خلاف پريالوءِ مين پل تي ڌرڻو هنيو ويندو