رحيم يار خان پوليس ڪچي جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل ڪانسٽيبل احمد نواز کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. پوليس ترجمان موجب خميس جي شام ماچڪو ۾ ڌاڙيلن جي حملي کان پوءِ ڌاڙيل ڪانسٽيبل احمد نواز کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا جنهن کان پوءِ اغوا ڪارن پوليس احمد احمد نواز جي وڊيو به جاري ڪئي هئي جنهن ۾ مغوي اهلڪار جو چوڻ هو ته آءِ پنجاب ۽ وزيراعليٰ مريم نواز ڌاڙيلن جا مطالبا پورا ڪري ٻئي صورت ۾ هي مون کي قتل ڪري ڇڏيندا. پوليس اهلڪار جي بازيابي کان پوءِ ڊي پي او رضوان گوندل چيو ته پوليس ڪچي جي علائقي ۾ مضبوطي سان موجود آهي. ياد رهي ته خميس جي شام ماچڪو ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 8 زخمي ٿي پيا هئا جڏهن ته هڪ اهلڪار گم ٿي ويو هو.