پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جو معاملو: (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جي معاملي تي اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻنهي پارٽين جي گڏيل ڪميٽي جو اجلاس اڄ ڏينهن جو 2 وڳي گورنر هائوس پنجاب ۾ ڪوٺايو ويو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جي واعدن تي عمل ڪرڻ جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان حوالي سان پيپلز پارٽي جا خدشا به غور هيٺ ايندا. ذريعن ٻڌايو آهي ته(ن) ليگ جي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب ۽ ملڪ احمد خان شامل هوندا جڏهن ته پ پ طرفان راجا پرويز اشرف، نديم افضل چن، حسن مرتضيٰ ۽ علي حيدر گيلاني ملاقات ۾ شريڪ ٿيندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ معاهدي جي ٻين نڪن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ٽائم فريم طئي ڪيو ويندو، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي وچ ۾ 3 ڏينهن اڳ ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي ڏوراپو ڏنو هو ته پنجاب حڪومت ۾ پيپلز پارٽي کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.