فاصلا گهٽ ٿي رهيا آهن: آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

 صدر آصف علي زرداري جي جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. صدر آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان سان ان جي رهائشگاهه تي تفصيلي ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به موجود هو، ان موقعي تي ملڪي سياسي صورتحال ۽ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ايندڙ  هفتي حڪومت طرفان ڪيل امڪاني قانونسازي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعن موجب ملاقات ۾ جي يو آءِ کي حڪمران اتحاد کان خدشن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. انهي اهم ملاقات جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ملاقات ۾  موجود ذريعن چيو آهي ته جي يو آءِ ۽ حڪمران اتحاد وچ ۾ فاصلا گهٽ ٿي رهيا آهن، آصف علي زرداري رياست جي سربراهه طور تي ملاقات لاءِ آيو ۽ گهرو وزير محسن  نقوي سان گڏ ملاقات لاءِ اچڻ ثبوت آهي ته رياست جي يو آءِ جي خدشن کي سنجيده وٺي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته رياست اسان جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ پڪا قدم کڻڻ چاهي ٿي، نجي چينل طرفان پڇيل سوال  تي ته هاڻ ڇا جي يو آءِ اپوزيشن جو ساٿ ڏيندي يا حڪمران اتحاد جو حصو بڻجندي؟ انهي جي جواب ۾ ذريعن جو چوڻ هو ته جي يو آءِ وٽ آپشن موجود آهن، اڃان تائين ڪوبه حتمي فيصلو نه ٿيو آهي، البته جي يو آءِ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جي بجاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي ۽ ايندڙ ڏينهن دوران اهڙي طرح جون وڌيڪ ملاقاتون ٿينديون.