پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ ڀارت سميت سمورن ميمبر ملڪن کي شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس آڪٽوبر ۾ پاڪستان ۾ ٿيندو، پاڪستان سمورن ميمبر ملڪن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت سميت 9 ملڪن کي گهرايو ويو آهي. ذريعن موجب ڀارت جي طرفان انهي دعوت نامي تي اڃان تائين ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويو آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس هن سال 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. تنظيم جي سربراهن حڪومت جي ڪونسل جي چيئرمين شپ هن ڀيري پاڪستان وٽ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جو گذريل اجلاس ڀارت ۾ ٿيو هو جنهن ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪئي هئي جيڪو ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير جو 12 سالن کان پوءِ پهريون ڀارت جو دورو هو.