گمبٽ ڀرسان ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، 3 ڄڻا قتل

بھارو ٿاڻي جي حد ۾ ڀٽيءَ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل، جڏهن ته 2 زخميءَ ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ صادق ڀٽي، ھڪ واٽھڙو چنگچي رڪشا ڊرائيور عامر جويو ٿڏي تي مارجي ويا ھوڏانھن ٻي ڌر جو محبت ڀٽيءَ، قيوم ڀٽي ۽ رفيق ڀٽيءَ زخميءَ ٿي پيا زخمن جا سور نه سھندي قيوم ڀٽي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. بھارو پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آھي. بھارو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيد علي رضا شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀٽي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿيو آهي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا جڏھن ته ھڪ ڄڻو قيوم ڀٽي زخمن جا سور نه سھندي گمس اسپتال ۾ فوت ٿيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.