ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ گهٽي ۾ 7 ورهين جو معصوم ٻارڙو زبير احمد۔ پٽ غلام مصطفا ملڪ گهر ٻاهران بيٺل برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آھي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته معصوم ٻارڙو زيبر احمد گهر ٻاهران راند ڪندي برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو آھي هوڏانهن معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ تي سندس جي گهر ۾ قهرام مچي ويو جڏهن ته معصوم نينگر جي امڙ کي بيهوشيء جا دورا پوڻ لڳا ۽ پاڙي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي