ڪنڌڪوٽ ايران ۾ بس حادثي ۾ شھيد ٿيل ھڪ ھي خاندان جي پنجن ڄڻن سميت ڇھ ڄڻن جا لاش صبح سوير

ڪنڌڪوٽ ايران ۾ بس حادثي ۾ شھيد ٿيل ھڪ ھي خاندان جي پنجن ڄڻن سميت ڇھ ڄڻن جا لاش صبح سوير ڪنڌڪوٽ پھتا سھرياڻي برادري جي رستم علي سھریاڻي، سندس جي گھر واري ڪريمان خاتون، ڌيءُ ڪائنات، ننھن سعدیہ، ريما خاتون ۽ سيد برادري جو نوجوان سيرت عباس شاھ ولد لطف علي شاھ جي جنازي نماز مين پرائمري اسڪول جي گرائونڊ تي ادا ڪئي آخري رسمن ۾ ڊي سي امير فضل اويسي، اي سي سميت شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافي برادري شرڪت ڪئي تدفين بعد سيد لطف علي شاھ ۽ جھنگل خان سھرياڻي سميت وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي پريس ڪلب جي وفد پير بخش بنگوار، راجا گوپي چند، غلام رسول ميراڻي، احمد علي مغل، نصير منگي، غفار منگي، قدرت اللّٰه میراڻي سميت ٻين تڏي تي پھچي ڪري وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي،