تفصيل موجب :- ڪشمور ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو دوستن هٿان 17 ورهين جو دوست نالي ڪامران پٽ مراد بخش ملڪ اوطاق ۾ گهرائي رات جو بيدردي سان قتل ڪري لاش قبرستان ۾ اڇلائي ڇڏيو صبح جو رستي ويندڙ ماڻهن پاران لاش ڏسي ڪشمور پوليس کي اطلاع ڪيو ويو جتي اي ايس پي ڪشمور راڻا دلاور ۽ پوليس عملدارن پهچي لاش کي کڻائي تعلقي اسپتال ڪشمور پهچايو هوڏانهن اڻڄاتل نوجوان جي لاش جون خبرون هلڻ بعد سندس ڀاءُ استاد فهيم تعلقي اسپتال پهچي لاش کڻائي گهر پهتو جنهن بعد سندس وارثن کڻي ڪشمور ٿاڻي تي آندو ايس ايڇ او ڪشمور هائوس کان نه نڪرڻ ڪري سندس وارثن سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران مقتول جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي هڪ گھنٽي اندر قاتل فرقان سومرو وارثن کي موبائل ميسيج ڏيکاريو جنهن م لکيل هو ته اسد ٻرڙو سندس جي ڀائر ڪامران ملڪ کي قتل ڪيو آهي جنهن بعد مقتول جي ڀائرن فرقان سومرو کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو پوليس پاران پرويز کوسو اسد ٻرڙو سميت فرقان کي گرفتار ڪري تفتيش شروع ڪري ڇڏي وڌيڪ سندن جا ساٿان قتل ۾ ملوث هجڻ جا ٻه اطلاع جنهن لاءِ ڪشمور پوليس پڻ ڇاپا لڳايا پيا وڃن هوڏانهن ٻن گهنٽن جي روڊ بند ٿيڻ بعد گاڏين جو قطارون لڳي ويون وارثن پاران قاتل گرفتار ٿيڻ بعد روڊ کي کولي لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو وارثن جو پڻ چوڻ هو ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ بعد ايف آئي آر ڪرائبي