پريالوء ۾ بدامني چوريو روز جو معمول بڻيل جنهن سبب شهري سخت پريشان ٻه ڏينهن اڳ رات جو دير سان شهر واسي ظهير احمد ميمڻ جي گريج ۾ بيٺل سوزڪي گاڏي مان نامعلوم چور بيٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا ان سلسلي ۾ متاثر شهري ظهير احمد ميمڻ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ رات جو دير سان نامعلوم چور سندس گريج ۾ بيٺل سوزڪي گاڏي مان بيٽري ڪڍي چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا هن چيو ته اسان گهڻي ڳولها ڪرڻ بعد اصل جوابدار هٿ ڪري پڪڙي پريالوء پوليس حوالي ڪيو هو جنهن بعد مبينا طور تي پوليس جوابدار کان ڳري رشوت وٺي کيس ڇڏي ڏنو آهي هن وڌيڪ دانهيندي چيو ته جڏهن مان صبح جو ٿاڻي تي وڃي پوليس کان پڇا ڪئي ته منهنجي بيٽري ريڪور ڪرائي وئي آهي يا نه ته پوليس ٻڌايو ته جوابدار رات ٿاڻي تان ڀڄي ويو آهي هن چيو ته جوابدار ڀڄي نه ويو آهي بلڪه پوليس جوابدار کان پئسا وٺي کيس ڇڏي ڏنو آهي هن چيو ته اگر پوليس به اسان غريبن جو داد فرياد نه ڪري ته اسان غريب شهري ڪنهن جي در تي دانهن کڻي وڃون ان موقعي تي هن ڊي آئي جي سکر ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پريالوء پوليس جي ڪن مهٽ ڪري سندس چوري ٿيل بيٽري واپس ڪرائي سندن جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي