پريالوءِ ٽائون انتظاميه جي نااهلي جي ڪري پريالوءِ شھر کي گندگي جو ڍير ڪيو آهي .. پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو پريالوءِ جو صدر الله ڏنو لوھر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون انتظاميه پريالوءِ مڪمل طور تي ناڪام ٿي شهر کي ڪچهري جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي ھن وڌيڪ چيو ته جنھن ماڻھو 40 سال انتطار ڪيو چيئرمين جي سيٽ لاء اھو ماڻھو پريالوءِ جي عوام کي ڪھڙو فائدو ڏيندو ھن وڌيڪ چيو ته ٽائون پريالوءِ چيئرمين سيد جمن شاهه پريالوءِ شھرجي لاءِ پاڻيءَ جي ٽينڪي کي ڊاهي پٽ ڪرائي لکين روپين جي.ماليت جو لوهه ۽ وڏاپائيپ وڪرو ڪري پئسا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن . جڏهن ته شهر جي مارڪيٽ جي دوڪانن جي ڇتن پٽرائي رات جي وقت چوري لوھ ڪٻاڙ جي دوڪانن ته وڪرو ڪري ڇڏيو