پريالوءِ ڀرسان سولنگي ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ڪارنهن تڪرار . 5 ڏينهن اڳ سولنگي برادري جي ڪيل فائرنگ ۾ جاگيراڻي ڌر جو زخمي ٿيل نوجوان عبدالقدير جاگيراڻي ڪراچي اسپتال ۾ فوت . فوتين جو اڳ 6 ٿي ويو . تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان ڪوٽ پل واري علائقي ۾ سولنگي ۽ جاگيراڻي ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان هلندڙ خوني ويڙهه بند نه ٿي سگهيو . پنج ڏينهن اڳ ڪوٽ پل واري علائقي ۾ سولنگي برادري جي هٿياربندن پاران جاگيراڻي برادري جي ڳوٺ فقير سونارو جاگيراڻي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري 26 سال نوجوان عبدالقدير سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ٽراماسينٽر پهچايو هو جتي کيس علاج هلندڙ هو جنهن دوران زخمي ٿيل نوجوان عبدالقدير پٽ صدير جاگيراڻي جي حالت خراب ٿي وڃڻ ڪري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن بعد فوت ٿيل نوجوان عبدالقدير جاگيراڻي جو لاش سندس وارث ڪراچي اسپتال مان کڻائي واپس پنهنجي ڳوٺ پهچايوته گهر ۾ قهرام مچي ويو هوڏانهن ڄاڻايل ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان ٻنهي ڌرين جي ٻن عورتن سميت ڇهه 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن جنهن ۾ جاگيراڻي ڌر ڏانهن 4 جنهن ۾ 2 عورتون ۽ ٻه نوجوان جڏهن ته سولنگي ڌر ڏانهن ٻه نوجوان مارجي ويلن ۾ شامل جڏهن ته ٻنهي ڌرين ۽ واٽهڙن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيل آهن