پريالوءِ ٽائون ڪاميٽي انتظاميه جي صفائي سٿرائي نه ڪرائڻ خلاف پريالوءِ جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو تفصيل موجب پريالوء شهر جي فياض ڪالوني جي رهواسين استاد قربان بلوچ. جان شير پٺاڻ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پريالوءِ شهر جي فياض ڪالوني ۾ ڪيترئي عرصي کان صفائي نه ٿي آهي انتظاميه کي بار بار شڪايت ڏني آهي برسات پوڻ سبب پاڻي تلا جي صورت اختيار ڪري ويو آهي جنهن جي ڪري اسان جا گهر ڪرڻ جو خدشو آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي پريالوءِ شهر مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو