سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات، بجلي جو نظام درهم برهم

 چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز وڏي وزيرکي 27 کان 31 آگسٽ دوران امڪاني تيز برساتن کان آگاهه ڪيو جنهن تي مراد علي شاهه سمورن بلدياتي ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رين ايمرجنسي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سعيد غني، ڄام خان شورو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ميئر سکر ارسلان شيخ ۽ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ۾ 27 کان 31 آگسٽ تائين تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، برسات جو ٻيو اسپيل سپٽيمبر جي پهرئين هفتي ۾ شروع ٿيندو، ٻئي اسپيل دوران به ڪراچي ۾ برساتن جو امڪان آهي. سردار سرفراز موجب، سنڌ ۾ اڄ کان برسات جو سسٽم داخل ٿيندو، جنهن سبب اڄ کان 31 آگسٽ دوران سنڌ ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نئين اسپيل سبب ڪراچي ۾ 150 کان 200 ملي ميٽرز، ٺٽي، سجاول ميرپور خاص، سانگهڙ ۽ نوابشاهه ۾ 250 کان 300 ملي ميٽرز جڏهن ته بدين، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر ۽ عمر ڪوٽ ۾ 500 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته کيرٿر جابلو سلسلي ۾ برسات جي نتيجي ۾ دادو، قمبر، شهداد ڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڄامشوري ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان لاڳاپيل انتظاميا ۽ بلدياتي ادارن کي ترت جوڳا اپاءَ وٺڻ ۽ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي صورتحال جو جائزو وٺي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن جا ڪيترائي علائقا بجليءَ کان محروم بڻجي ويا. وڏي وزير چيو ته مهاڻن لاءِ به فشريز کاتو ضروري هدايتون جاري ڪري، جڏهن ته امدادي سامان پي ڊي ايم اي اسٽاڪ ۾ موجود آهي.